فضل الرحمٰن شاهه رضوي

فضل الرحمٰن شاهه رضوي : فضل الرحمان شاهه رضوي سيد هو ۽ سيد عنات شاهه ۽ سيد حامد شاهه جو همعمر هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو مريد ۽ بهادر سپاهي هو. ڳيريلي واري جنگ ۾ سندس ڪردار رهيو، ڇاڪاڻ ته هو وڏي بهادريءَ سان مغليه لشڪر سان وڙهيو هو. روايتن ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب جي وفات جو وقت ويجهو آيو ته پنهنجي قريبي ساٿين ۽ احبابن کي وصيت ڪيائين ته کيس سيد حامد شاهه شهيد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي، قبر جي جاءِ اُتي اوهان کي نظر ايندي. سندس وفات کانپوءِ ماڻهو حامد شاهه جي مُقام تي ويا ته سيد حامد شاهه جي قبر اوڀر جي طرف قبر جي برابر زمين ڦاٽل نظر آئي. شاهه صاحب کي سندس وصيت جي مطابق اتي ئي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو